ڪراچي – 27 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشن جي وائيس چيئرمين خالد رضا جي قتل جو نوٽيس وٺ??دي چيو آهي ته خالد رضا جي بي رحماڻي قتل جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. بلاول هائوس ميڊيا س??ل پاران جاري بيان موج?? بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پوليس ۽ لاڳاپيل عملدار خالد رضا جي قتل جي مختلف رخن سان جاچ ڪن، يقيني بڻايو وڃي ته خالد رضا جي قاتلن کي فوري طور تي قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي. هن سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت جو ا??ها?? ڪيو ۽ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.