ڪراچي – 20 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي پائيدار بنيادن تي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ??ڪري وس??لن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ جدت کي فروغ ڏيڻ جا بي پناهه امڪان موجود آهن. صدر نيشنل آئيڊيا بئنڪ تحت سر سيد يونيورسٽي آف ا??جنيئرنگ اينڊ ٽي??نالاجي ۾ ٿيندڙ انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اختراع نظريات جو فروغ صحت ۽ تعليم جي شعبن تي ڌيان نئين اڀرندڙ ٽي??نالاجيز کي وقت سر اختيار ڪرڻ ۽ ان سان موافقت سان گڏوگڏ صحيح ترجيحن جو تعين ۽ دانشمنداڻي سياسي فيصلاسازي قوم کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ اهم آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نئين خيالن ۽ تصورن انساني ارتقا ۽ منزلون طئي ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته قدرتي وس??لن جي ترقي سان گڏوگڏ ملڪ جي پائيدار ترقي جي لاءِ ??ڪري وس??لن جي ترقي لازمي آهي. هن چيو ته ترقي جا خواهشمند ملڪ سدائين صحت ۽ تعليم کي پنهنجي اولين ترجيحن ۾ رکن ٿا ڇو ته صحت جي سارسنڀال جو موثر نظام قوم جي جسماني ۽ ذهني تندرستي کي يقيني بڻائيندي آهي ۽ جامع ۽ جديد تعليمي نظام ان جي فڪري ارتقا جي ضرورتن کي پورو ڪري ٿو. انفارميشن ٽي??نالاجي سڄي دنيا ۾ سڀ کان تيزي سان ترقي ڪندڙ شعبو آهي، جيڪو فنانس، مينوفيڪچرنگ، زرا??ت، تعليم ۽ صحت جهڙن بنيادي اهميت جي ٻين سڀني شعبن ۾ اڳڀرائي جو اهم جز بڻجي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان آءِ ??ي جي شعبي ۾ نوجوانن جي خيالن جي حوصلا افزائي ذريعي آءِ ??ي جي تيز ترين سفر ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان ۾ 22 ملين کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جڏهن ته انفارميشن ٽي??نالاجي جي پليٽ فارم کي خواندگي جي تناسب کي وڌائڻ جي لاءِ خاص طور تي اعليٰ تعليم ۽ فني ۽ پيشيواراڻي تربيت جي فروغ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن وقت سڄي دنيا ۾ 3.4 ملين آءِ ??ي ماهرن جون خدمتون گهربل آهن، جڏهن ته ايندڙ سال 200 بلين انٽرنيٽ آف ٿنگس (آءِ او ٽي) آءِ ??ي اسپيڪٽرم ۾ دستياب هجڻ جي اميد آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان آءِ ??ي سيڪٽر تي ڌيان ڏئي دستياب موقعن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. انفارميشن ٽي??نالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير سيد امين الحق تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته آئيڊياز بئنڪ جو بنيادي مقصد اختراعي آئيڊياز جمع ڪرڻ آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ 220 ملين آبادي جو 60 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آهي ۽ اهو هڪ اهڙو اثاثو آهي جنهن کي جديد ٽي??نالاجي سان آراسته ڪري قومي ترقي جي عمل کي تيز ڪري سگهجي ٿو. آءِ ??ي واري وزارت ڪراچي آءِ ??ي پارڪ پراجيڪٽ شروع ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي ۾ گيمنگ ۽ ايني ميشن ۾ هڪ سينٽر آف ا??ڪسيلينس جي قيام لاءِ ??ڪ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ مان آءِ ??ي جو روانگي واپار 3 بلين ڊالر کان وڌي چڪو آهي ۽ حڪومت ان کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ??رعزم آهي. سر سيد يونيورسٽي آف ا??جنيئرنگ اينڊ ٽي??نالاجي جي چانسلر جاويد انور چيو ته يونيورسٽين کي پنهنجي شاگردن کي نئين آئيڊياز ۽ تصورن کي پروان چاڙهيندي انٽر پرينيورشپ کي فروغ ڏيڻ گهرجي ۽ نيشنل آئيڊيا بئنڪ ان سلسلي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي. ايسپائر جي چيف ا??گزيڪيوٽو آفيسر حسن سيد پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ چيو ته هن سال اين آءِ بي جي لاءِ 3700 کان وڌيڪ آئيڊياز پيش ڪيا ويا ۽ ان ۾ 30 آئيڊياز کي جيوري مختلف شعبن سان انعامن جي لاءِ چونڊيو جنهن ۾ زرا??ت، آٽو موٽيو ۽ ٽرانسپورٽ ۽ تعليم ۽ تدريس، صحت، انفارميشن ٽي??نالاجي، مينوفيڪچرنگ، قدرتي وس??لن ۽ خدمتن جا شعبا شامل آهن. گذريل سال 2100 آئيڊياز پيش ڪيا ويا هئا ۽ انهن مان 18 کي فاتح طور چونڊيو ويو هو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته 2022ع جي ونر آئيڊياز تي ٻڌل 15 اسٽارٽ اپ ڪم شروع ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل آئيڊياز بئنڪ جو مقابلو کٽيندڙن ۾ انعام پڻ ورهايا.