اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق زرداري ??ائ??س اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن آزاد ڪشمير حڪومت کي درپيش معاشي مسئلن، ايندڙ بجيٽ ۽ آزاد ڪشمير جي سياسي صورت??ال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزير حڪومت راجا فيصل ممتاز راٺور پڻ وزيراعظم سان گڏ هو. زرداري ??ائ??س اچڻ تي وزيراعظم چوڌري انوارالحق کي پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي صدر چوڌري محمد ياسين ڀليڪار ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪشميري عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ڪشمير مسئلي تي عالمي ڪوششن کي تيز ڪيو ويندو ته جيئن ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏياري سگهجي.