اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 9 مئي تي رياست، ان جي علامتن ۽ حساس جاين تي ٿيندڙ شرپسندن جي حملن جي پاڙ عمران نيازي جي گذريل هڪ سال دوران ڪيل تقريرن جي نقطن ۾ لڪل آهي. پن??نجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عمران نيازي پن??نجي سياسي تحريڪ کي حق ۽ باطل جي وچ ۾ جنگ قرار ڏيڻ جي لاءِ آزاداڻي طور تي مذهبي تصويرڪشي ڪئي آهي، هن مسلسل هٿياربند فوج ۽ موجوده آرمي چيف کي بدنام ڪيو، ان تي حملي آور ٿيو ۽ چالاڪي سان حق??قي آزادي جي نعرن سان پن??نجو گروهه تيار ڪيو جنهن جو مقصد انهن کي تشدد تي اتساهڻ ??و، جنهن جو اسان 9 مئي تي مشاهدو ڪيو. هن چيو ته عمران نيازي جون تقريرون ٻڌو ته توهان کي پن??نجو جواب ملي ويندو.