ڪراچي- 15 جون (اي پي پي)پاڪ بحريه جو سنڌ ۽ بلوچستان جي ڏورانهن سامونڊي علائقن ۾ قدرتي آف??ن کان بچاءُ لاءِ وڏي پئماني تي امدادي آپريشن جاري آهي. پاڪ بحريه طرفان جاري پڌرائي موجب پاڪ بحريه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽي??ن مقامي انتظاميه سان گڏجي طوفان سبب متاثر ماڻهن کي محفوظ ماڳن تي منتقل ڪي?? ۽ کاڌي پيتي جون شيون فراهم ??يون. پاڪ بحريه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽي??ون هن وقت تائين ڪي??ي بندر، کارو ڇاڻ، شاهه بندر، باگان، سجاول، چوهڙ جمالي ۽ جاتي شهر جي مختلف سامونڊي علائقن مان 17 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪڍي ورتو آهي. بلوچستان جي شهر اورماڙه ۾ ماهيگيرن جي 46 ٻيڙين کي اورماڙه نيول هاربر تي لنگر انداز ڪي?? ويو آهي. پاڪ بحريه جا جهاز ۽ ايمرجنسي ريسپانس ٽي??ون سمنڊ ۽ متاثر علائقن ۾ گشت جاري رکيو آهي ته جيئن ضرورت پوڻ تي سمنڊ ۾ ڦاٿل ماڻهن جي وقت سر مدد ڪري سگهجي. سنڌ ۽ بلوچستان جي آف?? سٽيل علائقن ۾ پاڪ بحريه جو جاري رليف آپريشن مشڪل گهڙي ۾ وطن واسين کي هر ممڪن مدد فراهم ??رڻ جي عزم جو ثبوت آهي.