اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نا??يو??ري اداڪار شڪيل جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سندس لاڏاڻو پاڪستان جي ڊراما انڊسٽري جي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته 70ع جي ڏهاڪي کان ان جو نالو پاڪستان جي ڊراما انڊسٽري جي سنهري دور سان ڳنڍيل آهي، جڏهن ڊراما پنهنجي جاندار ڪردارن ?? اداڪاري جي ڪري ناظرين کي محسور ڪندا هئا. هن چيو ته شڪيل پنهنجي لازوال ڪردارن ?? شاندار اداڪاري جن سان منهنجي عمر جي ماڻهن جون قيمتي يادون واڳيل آهن، جي ڪري شهرت جي بلندين تي پهتو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ درجا بلند ڪري ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.