نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انو??را??حق ڪاڪڙ سان ريو ٽنٽو گر??پ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي م??قعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پ??را?? جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انو??را??حق ڪاڪڙ سان ريو ٽنٽو گر??پ جي سي اي او جيڪب اسٽوشولم ملاقات ڪئي، جيڪو کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ۾ عالمي اڳواڻ آهي. نگران وزيراعظم ريو ٽنٽو گر??پ جي حوصلا افزائي ڪئي ته هو پاڪستان جي معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري تي غور ڪري جنهن ۾ ملڪ جي 6 ٽريلين ڊالر کان وڌيڪ ماليات جي وسيع غيراستعمال ٿيل معدني ذخيرن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو جنهن ۾ سون، تانبي ۽ ناياب زميني ڌاتن جا وڏا ذخيرا شامل آهن. نگران وزيراعظم ڪارڪردگي ۾ اضافي، ڪاروباري لاڳت ۾ گهٽتائي، ريگيوليٽري بهتري، پيداواري صلاحيت ۾ اضافي ۽ اعليٰ سيڙپڪاري جي ذريعي پائيدار ترقي جي لاءِ حڪومت جي عزم تي زور ڏيندي پاڪستان جي مضبوط معاشي ويزن جو خاڪو پيش ڪيو. نگران وزيراعظم خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي اهميت کي اجاگر ڪيو جيڪا هڪ ون ونڊو پليٽ فارم طور ڪم ڪري ٿي، طريقيڪار کي آسان بڻائي ٿي ۽ سيڙپڪارن جي لاءِ سازگار ماحول کي فروغ ڏي ٿي. هن ايف ڊي آئي جي ترجيح طور کاڻين جي کوٽائي جي شعبي جي اهميت تي زور ڏنو جنهن ۾ پاڪستان جي وڏن قدرتي وسيلن بشمول ٽامو، سون، زنڪ ۽ ناياب زميني معدنيات مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته پاڪستان حڪومت جو مقصد ريو ٽنٽو جهڙين ڪمپنين سان تعاون سان گڏوگڏ پاڪستاني عوام جي م??ادن کي م??انهون رکڻ آهي. نگران وزيراعظم ريو ٽنٽو گر??پ جي سي اي او ۽ ان جي ٽيم کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري جا وڌيڪ موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏني. ريو ٽنٽو گر??پ جي سي اي او دعوت تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ يقين ڏياريو ته سندس ٽيم پاڪستان جي معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن سان رابطو ڪندي.