اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پر??يه?? وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان ڀارت سان سمورن تڪرارن کي ڳالهين جي ??ريعي حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي جڏهن ته ڀارت کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي ??يرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي واپس وٺي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ سازگار ماحول پيدا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي ??ارليامينٽ ميمبرن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ ليبر فرينڊز آف ڪشمير يو ڪي جو چيئرمين ۽ ميمبر پارليامينٽ اينڊريو گيوين، ليبر فرينڊز آف ڪشمير يو ڪي جي چيئرپرسن ناز شاهه ۽ ڪشمير بابت آل پارٽي پارلياماني گروپ (اي پي پي جي) جو وائيس چيئرمين سام ٽيري شامل هئا. پر??يه?? آفيس جي ??رجمان موجب پر??يه?? وزير مظلوم ڪشميري عوام جي ??مايت ۾ آواز اٿارڻ تي برطانوي ??ارليامينٽ ميمبرن کي ساراهيو. هن وفد تي زور ڏنو ??ه اهي ڀارت جي ??يرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي ??لاف ورزين بابت عالمي سطح تي آگاهي وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون وڌائين. هن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ??لاف ورزين کي ختم ڪرڻ ۽ سمورن سياسي قيدين جي ??زادي جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ??ه ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري. نگران پر??يه?? وزير پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ دوستي جي ??علق کي مضبوط بڻائڻ ۾ دورو ڪندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. وفد جي ميمبرن ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ??لاف ورزين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.