اسلام آبا?? – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ مستونگ ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي ڌماڪي ۾ جاني نقصان ت?? گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊ??ا ونگ پاران جاري مذمتي بيان ۾ نگران وزيراعظم ڌماڪي ۾ فوت ٿيندڙن ج?? گهرڀاتين سان افسوس جو اظهار ڪندي فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي. هن زخمين کي طبي امداد جي فراهمي جي هدايت ۽ انهن جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي ۽ چيو ته حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.