اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ??نهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي سياسي، اخلاق?? ۽ ??فارتي مدد جاري رکندو، ڪشمير جو مسئلو هند جي ورڇ جي اڌوري ايجنڊا آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب اهڙن خيالن جو اظ??ار هن آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشميرين جي لاءِ اٿاريل آواز تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم کي دنيا آڏو بي نقاب ڪرڻ تي اسان ڪشميري توهان جا ٿورائتا آهيون. نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان ??نهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن ??ي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ هر طرح سان انهن سان گڏ آهي. پاڪستان ??نهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي سياسي، اخلاق?? ۽ ??فارتي مدد جاري رکندو. ڪشمير جو مسئلو هند جي ورڇ جي اڌوري ايجنڊا آهي. هن چيو ته جيستائين ڪشمير مسئلي جو حل گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڪشميرين ??ي خواهش موجب نه ٿو ٿئي، اسان ڪشميرين جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهيون.