اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته رياست کي دهشتگردي جي خلاف جن?? جو شرعي ۽ آئيني حق حاصل آهي، طاقت جو استع??ال رڳو رياست جو حق آهي، رياست پنهنجي عوام کي هر صورت ۾ تحفظ فراهم ڪندي ۽ ان جي لاءِ ڪنهن به قرباني ک??ن نه ڪيٻايو ويندو، سڄي قوم سدائين شهيدن جي قربانين جي مقروض رهندي، زبان، رنگ، نسل، عقيدي سميت ڪنهن به بنياد تي ڪنهن به گروهه يا فرد تي تشدد جي ڪاررواين جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گهرو وزارت ۾ شهيدن جي پونئ??رن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي ۽ شهيدن جا پونئير به موجود هئا. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ ۽ قوم جي لاءِ قربانيون ڏيندڙ شهيدن کي سڄي قوم خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، شهيدن جي پونئ??رن جي ڏک جو مداوو نه ٿو ڪري سگهجي. شهيد جو اجر اله تعاليٰ ئي ڏئي سگهي ٿو، سڄي قوم سدائين شهيدن جي قربانين جي مقروض رهندي. نگران وزيراعظم چيو ته پوليس، سياستدانن، صحافين، سول سوسائٽي، شاگردن، پاڪستان جي فورس سميت معاشري جي هر شعبي سان تعلق رکندڙن ملڪ ۽ قوم جي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. نگران وزيراعظم چيو ته طاقت جي استع??ال جو حق رڳو رياست کي حاصل آهي، زبان، رنگ، نسل، عقيدي سميت ڪنهن به بنياد تي ڪنهن به گروهه يا فرد تي تشدد جي ڪاررواين جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. جيڪڏهن ڪو گروهه هٿيار ڦٽا ڪري معافي جي لاءِ رجوع ڪرڻ چاهي ٿو ته سڀ کان اڳ هو شهيدن جي پونئ??رن کان معافي وٺي، جيڪڏهن هو مڪمل طور تي پنهنجي غلطي قبول ڪري ۽ بنا ڪنهن شرط جي پاڻ حوالي ڪري ته رياست فيصلو ڪري سگهي ٿي، جيڪڏهن ائين نه آهي ته اسان 100 سالن تائين به وڙهڻ جي لاءِ تيار آهيون ۽ رياست اهڙن ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه نه ڪندي. نگران وزيراعظم چيو ته رياست پنهنجي عوام کي هر صورت ۾ تحفظ فراهم ڪندي ۽ ان جي لاءِ ڪنهن به قرباني ک??ن نه ڪيٻايو ويندو. تقريب ۾ شهيدن جي پونئ??رن پنهنجي خيالن ۽ جذبن جو اظهار ڪندي حڪومت ۽ گهرو وزارت پاران شهيدن جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ قدمن کي ساراهيو ۽ دهشتگردي جي خلاف پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان کان اڳ نگران وزيراعظم گهرو وزارت ۾ شهيدن جي يادگار تصو??رن جي گيلري جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم شهيد صفوت غيور جي تصوير کي ڀت تي هنيو. گيلري ۾ ملڪ جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن جون تصويرون لڳايون ويون آهن. ان کان اڳ نگران وزيراعظم گهرو وزارت پهتو ته اسلام آباد پوليس جي دستي کيس گارڊ آف آرنر پيش ڪيو.