اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اط??اعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگ??ان وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين اعتراف ڪيو آهي ته ”دي اڪانومسٽ“ ۾ شايع ٿيندڙ مضمون هن ناهي لکيو، اهو مضمون ??صن??عي ذهانت (اي آئي) سان تيار ڪيو ويو هو. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اط??اعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگ??ان وفاقي وزير چيو ته موجوده پي ٽي آءِ چيئرمين ان مضمون جي رياست مخالف ۽ آمريڪا مخالف مواد جي توثيق ناهي ڪئي، سمنڊ پار پي ٽي آءِ ڪجهه اڌاکري اينڪرز ۽ دي اڪانومسٽ (اي آئي) جي هڪ فريب ڪاري تي دُهل وڄائي رهيا آهن. اط??اعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگ??ان وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊا?? اخبار ۾ شايع ٿيل خبر جو لنڪ به شيئر ڪيو جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين کان سومر ڏينهن اڊيالا جيل ۾ 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۽ توشه خانه ريفرنس جي جيل اندر ڪارروائي جي رپورٽنگ ڪندڙ صحافين ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏنو ويو آهي. خبر موجب پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين صحافين سان ڳالهه ٻولهه دو??ان انڪشاف ڪيو ته سندس نالي سان منسوب دي اڪانومسٽ ۾ شايع ٿيندڙ آرٽيڪل اصل ۾ ??صن??عي ذهانت آئي اي سان تيار ڪيل آهي.