اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، صحت، دفاع، تعليم، زراعت ۽ موسمياتي تبديلين جي شع??ن ۾ موجوده مثبت رفتار کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، صحت، دفاع، تعليم، زراعت ۽ موسمياتي تبديلين جي شع??ن ۾ موجوده مثبت رفتار کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ??يو ته سندس حڪومت معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ غيرملڪي سيڙپڪاري راغب ڪرڻ جي لاءِ ميڪرو اڪنامڪ سڌارن تي ڌيان ڏيندي. ان سلسلي ۾ هن خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ڪردار تي پڻ روشني وڌي جيڪا پاڪستان ۾ ترجيحي شع??ن ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي تيز ڪرڻ جي لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. ملاقات دوران ٻطرفن ۽ علائقائي اهميت جي ڪيترن ئي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جن ۾ غزه ۽ بحيره احمر جي صورتحال جي صورتحال، افغانستان م ٿيندڙ اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه شامل آهي. ملاقات ۾ وزيراعظم آمريڪي سفير آڏو ڊاڪٽر عافيه صديقي جو معاملو پڻ پرزور طريقي سان اٿاريو. وزيراعظم کي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي آمريڪي سفير ??يو ته آمريڪا پاڪستان کي هڪ اهم پارٽنر س??جهي ٿو ۽ ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي اميد ڪري ٿو.