اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترقي بابت سعودي فنڊ جي حصيداري سان گرين انرجي ۽ بنيادي ڍانچي جي نئين منصوبن سان اقتصادي بحالي جو سفر تيز ٿيندو. سعودي فنڊ ۽ پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ 107 ملين ڊالر جي مالياتي معاهدن سان نه رڳو صارف توانائي حاصل ٿيندي پر مقامي آبادي کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻيلن جي واڍيءَ روڪڻ ۾ پڻ مدد ملندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سعودي فنڊ فار ڊيولپمينٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن فنڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلطان بن عبدالرحمان المرشد جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزي??اع??م سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پراڻي دوستي ۽ صحت، توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ تعليم جي شعبن ۾ پاڪستان کي مالي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ ترقي بابت سعودي فنڊ جي ڪوششن کي ساراهيو. سي اي او، ايس ايف ڊي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي سان گڏوگڏ قومي سول ايوارڊ هلال قائداعظم عطا ڪرڻ تي وزي??اع??م ۽ پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا. وزي??اع??م آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هائيڊرو پاور اسٽيشنز جي تعمير جي لاءِ سعودي فنڊ ۽ پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ 107 ملين ڊالر جي مالياتي معاهدن تي صحيحن کي پڻ ساراهيو، ان سان نه رڳو صاف توانائي حاصل ٿيندي پر مقامي آبادي کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻيلن جي واڍيءَ کي روڪڻ ۾ پڻ مدد ملندي. سي اي او سعودي فنڊ وزي??اع??م سان جاري منصوبن بشمول مهمند هائيڊرو پاور پراجيڪٽ، گولن گول هائيڊرو پاور پراجيڪٽ، مالاڪنڊ ريجنل ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ ۽ سعودي گرانٽس جي ذريعي شروع ڪيل ٻين منصوبن بابت ٻڌايو. وزي??اع??م سعودي فنڊ جي تعاون کي ساراهيندي سعودي فنڊ جي حصيداري واري گرين انرجي ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبي ۾ نئين منصوبن جي پروسيسنگ کي تيز ڪرڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو جنهن سان اقتصادي بحالي جو سفر تيز ٿيندو. سي اي او ايس ايف ڊي گڏيل منصوبن تي جلد اڳڀرائي جي خاطري ڪرائي ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ پڻ ڪيو ته سعودي عرب شاهي خاندان جي قي??دت ۾ پاڪستان کي هر ممڪن مدد ۽ مسلسل تعاون فراهم ڪندو. وزي??اع??م سعودي فنڊ جي سي اي ا?? ۽ ??فد جي ميمبرن جا ٿورا مڃيا ۽ شاهي خاندان جي سمورن ميمبرن خاص طور تي خادم الحرمين الشريفين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.