اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري صوبائي حڪومتن تي يتيم ٻارن جي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته يتيم ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۽ نگهداشت جي خير جي ڪم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ گهرجي. صدر 15 رمضان المبارڪ اسلامي تعاون تنظيم جي يتمين جي ڏهاڙي جي موقعي تي ٻارن جي لاءِ ايوان صدر ۾ افطار ڊنر جو اهتمام ڪيو. افطار ڊنر جي تقريب ۾ ملڪ جي م??تلف شهرن مان آيل يتيم ٻارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر صوبائي حڪومتن تي يتيم ٻارن جي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته يتيم ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۽ نگهداشت جي خير جي ڪم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن. صدر چيو ته گلن جهڙن ٻارن سان ملي تمام گهڻي خوشي ٿي، يتيم ٻارن جي ڪفالت ۽ تعليم ۽ تربيت اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. تقريب ۾ آصفه ڀٽو زرداري پڻ موجود هئي. هن پاڪ??تا?? جي م??تلف شهرن مان آيل يتيم ٻارن سان ملاقات پڻ ڪئي. تقريب کي پاڪ??تا?? آرفن ڪيئر فورم جي چيئرمين ايئر مارشل (ر) فاروق حبيب پڻ خطاب ڪيو. هن چيو ته پاڪ??تا?? آرفن ڪيئر فورم يتيم ٻارن جي بهترين پرورش ۽ نگهداشت جي لاءِ ڪم ڪري ره??و آهي، صحتمند معاشرا ڪمزور طبقن خاص طور تي يتيم ٻارن جي واڌويجهه ۽ تعليم ۽ تربيت جو خيال رکن ٿا. هن چيو ته ملڪ ۾ 46 لک جي لڳ ڀڳ يتيم ٻار آهن، ايوان صدر ۾ ٻارن کي گهرائڻ سان انهن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيندو ۽ حوصلا افزائي ٿيندي.