اسلام آباد– 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فل??طي?? ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي بهادر ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته الله تعاليٰ کان م??د جا طالب آهيون ته ٻنهي خطن کي آزادي جي نعمت ملي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته الحمدالله رمضان المبارڪ جي برڪتن ۽ نوازشن ۾ جمعته الوداع جو مبارڪ موقعو اسان کي هڪ ڀيرو ٻيهر نصيب ٿيو آهي. هن چيو ته پوري قوم کي اپيل آهي ته اڄ جي هن برڪت واري ڏينهن الله تعاليٰ جي آڏو خطائن جي معاشي، ملڪ ۽ ملت جي اتحاد ۽ امن ۽ ترقي، مسئلن ۽ مرضن م??ن ڇوٽڪاري جي دعا گهريون. اسان فل??طي?? ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي بهادر ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي الله تعاليٰ کان م??د جا طالب آهيون ته ٻنهي خطن کي آزادي جي نعمت ملي. ??يت المقدس آزاد فل??طي??ي رياست جو گادي وارو شهر بڻجي مسلمانن جي روح جي تسڪين بڻجي.