رياض – 29 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، لائيو اسٽاڪ ۽ واپار جي ??عبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم جي وچ ۾ رياض ۾ عالمي اقتصادي فورم جي ??صوصي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي. وزيراعظم شهباز ش??يف جي ٻيهر چونڊجڻ کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اها پهرين ملاقات هئي جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ 4 مارچ 2024ع تي وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ ۽ 10 اپريل 2024ع تي عيدالفطر جي موقعي تي ٽيليفونڪ رابطو ٿي چڪو آهي. وزيراعظم ملائيشيا جي وزيراعظم جي قيادت کي ساراهيندي فن ۽ ادب خاص طور تي پاڪستان جي قومي شاعر علامه اقبال بابت سندس علم کي ساراهيو. ملائيشيا جي وزيراعظم ڪجهه جُملا اردو ۾ ادا ڪيا ۽ پاڪستان جي ??عليمي ادارن جو ذڪر ڪيو جتي ماضي ۾ ملائيشيا جا شاگرد ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جي ??عليم حاصل ڪندا هئا. ٻنهي طرفن کان لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ٿيو ۽ غيرمعمولي گرمجوشي ڏسڻ ۾ آئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، لائيو اسٽاڪ ۽ واپار جي ??عبن ۾ تاريخي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي مستقبل ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو عزم ڪيو. وزيراعظم شهباز ش??يف ملائيشيا جي واپاري ۽ ڪاروباري وفدن کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي ??عوت ڏني ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل وزارتي ڪميشن جو ايندڙ اجلاس جلد اسلام آباد ۾ منعقد ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. وزيراعظم ملائيشين وزيراعظم انور ابراهيم کي پاڪستان جو سرڪا??ي دورو ڪرڻ جي ??عوت جو ورجاءُ ڪيو.