لاهور – 01 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مزدور کي د??پي?? مسئلن جو ادراڪ آهي، حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ مزدورن کي ريليف ڏيڻ جي ??اءِ هر ممڪن قدم کڻندي، مزدور کي جائز حق نه ملندو ته ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، حڪومت مزدورن جي اجرت ۾ اضافي کي يقيني بڻائيندي، ڪرپشن ملڪ جي تباهي جو سبب آهي، جلد ان جو خاتمو ڪنداسين، سعودي عرب جو تازو دورو ڪامياب رهيو، جلد ٻاهرئين سيڙپڪاري سان ملڪ کي بحرانن مان ڪڍنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن مزدورن جي عالمي ڏينهن جي ??وقعي تي پنهنجي رهائشگاهه تي مزدورن جي اعزاز ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هو قومي معيشت ۾ مزدورن ۽ پورهيتن جي ??در کان چڱي ريت آگاهه آهي، واپاري، سيڙپڪار ۽ صنعتڪار مزدورن جي حالت بهتر بڻائڻ کي ترجيح ڏين. هن چيو ته مزدور کي د??پي?? مسئلن جو ادراڪ آهي، حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ مزدورن کي ريليف ڏيڻ جي ??اءِ هر ممڪن قدم کڻندي، حڪومت مزدورن جي اجرت ۾ اضافي کي يقيني بڻائيندي، ڪرپشن ملڪ جي تباهي جو سبب آهي، جلد ان جو خاتمو ڪنداسين، ملڪي معاشي حالتون چئلينجنگ آهن، سعودي عرب جو تازو دورو ڪامياب رهيو، جلد ٻاهرئين سيڙپڪاري سان ملڪ کي بحرانن مان ڪڍنداسين. وزيراعظم چيو ته اسان کي مزدور جي عظمت جو پورو احساس آهي، مزدور کي جائز حق نه ملندو ته ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، سيڙپڪار ۽ پورهيت هڪ ئي گاڏي جا ٻه ڦيٿا آهن، هر فيڪٽري ۾ هڪ ڦيٿو سيڙپڪار آهي ۽ هڪ پورهيت آهي، حڪومت مزدورن جي اجرت ۾ اضافي کي يقيني بڻائيندي ته جيئن مزدورن کي ريليف ڏئي سگهجي. هن چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي تعليم جي گهرج آهي ته امير غريب جي ??رق کي گهٽ ڪيو وڃي، نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته مزدور جي اجرت پگهر خشڪ ٿيڻ کان اڳ ادا ڪريو. وزيراعظم چيو ته مهانگائي سان عام مزدور کي يقيني طور تي مسئلا د??پي?? آهن، روزانو جا خرچ مزدور وڏي مشڪل سان برداشت ڪري ٿو پر اسان اهڙا ق??م استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون جو ملڪ جلد مهانگائي جي چنبي مان نڪري ويندو. شهباز شريف چيو ته ڪاروباري ماڻهو خاندان کانسواءِ پورهيتن جي ??ارن جي تعليم ۽ علاج جي ??اءِ منصوبا ٺاهين، اهڙا منصوبا ٺاهين جو مزدور جو ٻار انجنيئر ۽ ڊاڪٽر بڻجي، سيڙپڪارن، واپارين ۽ ڪاروباري ماڻهن جي دولت تي مزدورن جو پڻ حق آهي. وزيراعظم چيو ته مون کان وڌيڪ مزدورن جي ??سئلن کي ڪير ڄاڻي سگهي ٿو، منهنجو والد مرحوم پڻ هڪ مزدور هو، منهنجو والد پاڪستان ٺهڻ کان اڳ لاهور آيو، هو 6 ڀائرن سان گڏ لاهور جي ??يڪٽري ۾ مزدوري ڪندو هو، هن لاهور جي ڪاليج ۾ داخلا ورتي، شام ۾ مزدوري ڪندو هو. هن تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ڪندي چيو ته مون توهان کي دل جي گهراين سان پنهنجي گهر گهرايو آهي، اڄ توهان سرڪاري گهر ۾ مهمان نه پر محمد شريف جي خاندان ۾ موجود آهيو، توهان منهنجا مهمان آهيو، هي دعوت نواز شريف ۽ منهنجي طرفان آهي، دلي خوشي آهي ته مون کي توهان جي ??همان نوازي جو موقعو مليو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪ جون معاشي حالتون چئلينجنگ آهن پر حڪومت ملڪ کي ان ڌُٻڻ مان ڪڍڻ جي ??اءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي، سعودي عرب جو تازو دورو اميد جو ڪِرڻو ثابت ٿيندو ۽ ان جا ڏورس نتيجا نڪرندا، ان دوري ??ور??ن مون مختلف وزيرن سان اطمينان جوڳيون ملاقاتون ڪيون آهن، ڪجهه ڏينهن ۾ سعودي ڪاروباري ماڻهو پاڪستان اچڻ وارا آهن جنهن سان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا ملند?? ۽ ??هانگائي گهٽ ٿيندي. شهباز شريف چيو ته ملڪ جي بربادي جو سڀ کان وڏو سبب ڪرپشن آهي، کربين ??پي?? ڪرپشن جي ??ر چڙهي رهيا آهن، انهن کي واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڪرپشن جو خاتمو ٿيڻ وارو آهي، شاهه خرچين ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته اسان جي حڪومت شاگردن کي ليپ ٽاپ ۽ وظيفا ڏنا، هي ملڪ امير جو به آهي ۽ غريب جو به آهي، پاڪستان يتيم جو به آهي، هتي سڀني کي برابري جي سطح تي بنيادي حق حاصل آهن. هن چيو ته تيل جي ??يمتن ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ جلد عوام کي وڌيڪ خوشخبريون ملنديون.