اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مارگلا پهاڙين تي لڳل باهه کي جلد اجهائڻ جي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي مارگلا جي پهاڙين تي لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ هيليڪاپٽرز کي باهه اجهائڻ جي آپريشن ۾ شامل ڪيو ويو آه??، باهه تي جلد ک??ن جلد ضابطو يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه به يقيني بڻائي وڃي ته باهه سان ڪنهن انساني جان کي نقصان نه پهچي، جيتري قدر ٿي سگهي جهنگلي جيوت جو تحفظ پڻ يقيني بڻايو وڃي.