شينزن – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پنجن ڏينهن جي چين جي سرڪاري دوري جي پهرين مرحلي جي لاءِ شينزن پهچي ويو. وزيراعظم جو شينزن هوائي اڏي تي اعليٰ چيني عملدارن، پا??ست??ن ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ، پا??ست??ن جي چين ۾ سفير خليل هاشمي ۽ اعليٰ سفارتي اهلڪارن شاندار ا??تقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب وزيراعظم سان اڄ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي شينزن جي لاءِ سيڪريٽري مينگ فينلي ملاقات ڪندو جنهن ۾ چين پا??ست??ن تعاون جي وڌيڪ فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم سڀاڻي پاڪ چائنا بزنس فورم ۾ شرڪت ڪندو، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت پا??ست??ني ۽ چيني ڪمپنين جي وچ ۾مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ حصيداري جي لاءِ فورم هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. وزيراعظم ناليواري چيني هاءِ ٽيڪ ڪمپنين جي سربراهن سان پڻ ملاقات ڪندو. پا??ست??ني وفد ۾ ناليوارين پا??ست??ني ڪاروباري شخصيتن سميت نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ا??حاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي وارو وفاقي وزير ا??سن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، غذائي تحفظ وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وز??ر شزه فاطمه خواجه پڻ شامل آهن.