اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ??لڪ?? روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي ب??يا??ن تي قدم کڻي رهي آهي، آٽو سيڪٽر پا??ستان ۾ مقامي سطح تي گاڏيون تيار ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آٽو ۽ آٽو پارٽس مينوفيڪچرز جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ٽويوٽا پا??سان علي اصغر جمالي، آٽو پارٽس صنعت جو نمائندو عامرالله والا شامل هئا. ملاقات ۾ صنعت واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار شريڪ هئا. ان موقعي تي وفد حڪومت جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين تي وزيراعظم خراج تحسين پيش ڪيو ۽ آٽو سيڪٽر کي درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته آٽو سيڪٽر پا??ستان ۾ مقامي سطح تي گاڏين جي تياري ڪري، آٽو سيڪٽر پنهنجي مصنوعات جو هڪ خاطرخواهه حصو برآمد ڪري ۽ ??لڪ?? ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. آٽو سيڪٽر ڊيليشن جي پاليسي تي عملدرآمد ڪري. وزيراعظم چيو ته پا??ستان جي آٽو پارٽس جي صنعت عالمي ويليو چين جو حصو بڻجي. حڪومت ??لڪ?? برآمدات ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي ب??يا??ن تي قدم کڻي رهي آهي.