اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي سومر ۽ اڱاري دوران تي?? برساتن سبب ڪشمير، ا??ر اوڀر پنجاب، مٿانهين خيبر پختونخوا، ڪوه سليمان ۽ ڀرپاسي ا??ر اوڀر، ڏاکڻي بلوچستان جي جابلو علائقن جي مقامي برساتي ندي نالن ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. تي?? برساتن سبب ا??ر اوڀر، ڏکڻ پنجاب، پشاور، ڪراچي سميت هيٺين سنڌ جا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي. موسميات کاتي مطابق اڱاري ڏينهن خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان، ڪشمير، اسلام آباد، مٿانهين/ وچولي پنجاب، ڏکڻ اوڀر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان وڌيڪ برسات جو امڪان آهي، ان دوران ڪشمير، ا??ر اوڀر پنجاب، پوٺوهار خطي، ا??ر اوڀر/ ڏکڻ بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ ڪجهه هنڌن تي تي?? برسات جو به امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ا??ر اوڀر پنجاب، پوٺوهار خطي، اسلام آباد، ڏکڻ اوڀر سنڌ، مٿانهين خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ ا??ر اوڀر بلوچستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي تي?? برسات به ٿي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد سبي ۾ 47، دالبندين، نوڪنڊي ۾ 46 ۽ دادو ۾ 45 ڊگري سي??ٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.