اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳ??اڻ طلال چوڌري چيو آهي ته تحريڪ انصاف ڪور ڪمانڊر هائوس، فوجي ٺڪاڻن، حساس عمارتن ۽ شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي، 9 مئي سانحي جي ڏوهه جو اعتراف ڪندڙ هاڻي ثبوت گهري رهيو آهي. پي ٽي آءِ ??ان?? جي م??روط معافي جي حوالي سان بيان تي رد ??مل ۾ هن چيو ته 9 مئي تي ڪور ڪمانڊر هائوس جي ٻاهران پي ٽي آءِ چيئرمين جون ٽيئي ڀينرون، ڀاڻيجا ۽ پارٽي اڳ??اڻ م??جو?? هئا، سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڪور ڪمانڊر هائوس ٻاهران اڳ??اڻ ڏسي سگهجن ٿا، انهن جي پارٽي جي م??ڻهن چيو ته خان نه ته پاڪستان نه، ان جي سياست سدائين ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ڏيڻ تي ٻڌل رهي آهي. طلال چوڌري چيو ته هُنن پي ٽي وي تي حملو ڪيو، پارليامينٽ جو دروازو ٽوڙيو، اهي ڪڏهن ڳلي م??ن جهليندا آهن ته ڪڏهن پيرين پوندا آهن، هن پي ٽي آءِ ??ان?? کي م??اطب ٿيندي چيو ته هاڻي ڪا مشروط معافي ناهي، ڏوهارين کي سزا ملندي.