اسلام آباد-23 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ترڪيه سان هوابازي جي ش??بي ۾ تعاون پاڪ ترڪيه ٻطرفن لاڳاپن جو اهم حصو ۽ پاڪستان جي هوابازي جي صنعت کي ترقي ڏيڻ جي حوالي سان وزيراعظم جي ويزن موجب آهي. هن اها ڳالهه ترڪيه جي پيگاسز ايئر لائنز جي چيئرپرسن مهمت ٽي نان سان ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي لڪي سيمنٽ لميٽي?? جو سي اي او محمد علي ٽبه به موجود هو. مهمت ٽي نان ترڪيه جي هوابازي جي صنعت جي حڪمت عمل?? جو عمومي جائزو پيش ڪيو ۽ هُن اهم رخن تي روشني وڌي جيڪي پاڪستان ۾ هوابازي جي ش??بي کي فائدو پهچائي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي ايوي ايشن انڊسٽري کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ترڪيه جي تجربي ۽ مهارت مان فائدو کڻي سگهي ٿو. سينيٽر محمد اورنگزيب ترڪيه جي واپار واري وزير سان هاڻوڪي ملاقات جو به ذڪر ڪيو جنهن ۾ ڌرين واپار ۽ ڪاروباري تعاون جي مختلف ط??يق?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته هي ملاقات پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ايوي ايشن سميت ڪيترن ئي ش??بن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي وسيع حڪمت عملي ج?? حصو آهي.