اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سي?? يوسف رضا گيلاني ملڪ جي مختلف علائقن خاص ڪري بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي وهڪرن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس ج?? اظهار ڪيو آهي. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ سينيٽ چيئرمين ڏک جي هن گهڙي ۾ متاثرن جي وارثن سان ڏک ۽ افسوس ج?? اظهار ڪندي چيو ته سندن غم ۾ برابر جو ??ري?? آهيان، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته زخمين کي جلد صحتيابي عطا فرمائي. سينيٽ چيئرمين سي?? يوسف رضا گيلاني لاڳاپيل ادارن کي قدمن ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت به ڪئي. هن چيو ته قدرتي آف??ون هڪ عالمي مسئلو آهن، گڏيل ڪوششن سان ئي ناڪاري اثرن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. هن وقت پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جهڙا چئلينجز سامهون آهن، برسات دوران ماڻهن کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن.