اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ايران ۾ بس حادثي ۾ پاڪستاني زائرين جي شهادت تي انهن گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستاني زائرين ايران جي شهر يزد ۾ هڪ افسوسناڪ روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب ??زيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي ??دايت تي زاهدان ۾ پاڪستان جي ??ونصلر کي واقعي واري هنڌ پ??چڻ ۽ صورتحال جو جائزو وٺڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي. ترجمان چيو ته هو زخمين کي طبي امداد فراهم ڪرڻ جي ??اءِ مقامي عملدارن سان به رابطو ڪندو ۽ ميتن کي پاڪستان واپس پهچائ?? جو انتظام ڪندو. فوت ٿيندڙن مان اڪثر سنڌ صوبي جا رهواسي آهن. بيان موجب پرڏيهي وزارت انهن ڪوششن ۾ مدد فراهم ڪرڻ ۽ ميتن جي ??طن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي ??اءِ پنهنجي ڪرائيسز مئنيجمينٽ يونٽ کي فعال ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته تهران ۾ پاڪستان جو سفير ۽ زاهدان جو قونصلر تهران ۽ زاهدان ۾ ايراني عملدارن سان رابطي ۾ آهن ته جيئن ميتن کي ڪڍڻ ۽ وطن واپسي ۾ تيزي آندي وڃي ۽ زخمين جي علاج ۾ سهولت فراهم ڪئي وڃي.