اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي مختلف عل??ئق?? ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن?? دوران شهادت ماڻيندڙ سيڪيور??ي فورسز جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سيڪيور??ي فورسز جي وقت سر ڪاررواين دهشتگردن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو، پوري قوم پنهنجي بهادر سيڪيور??ي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته اسان شهيدن جي لازوال قربانين کي سلام پيش ڪريو?? ٿا، هر قسم جي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين، دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.