اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان غزه جي علائقي خان يونس ۾ تاريخي مسجد تي اسرائيلي قابض فوج جي بمباري جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو حملو گهري ثقافتي ۽ مذهبي اهميت رکندڙ جڳهه تي هڪ سنگين حملو آهي. پرڏيهي ??في?? جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو حملو عالمي قانون جي پڻ واضح خلاف ورزي آهي. هن چيو ته هٿياربند تڪرار جي صورت ۾ ثقافتي ملڪيتن جي تحفظ جي لاءِ 1954ع جي هيگ ڪنوينشن تحت مذهبي جا??ن کي ن??انو بڻائڻ واضح طور تي منع آهي. هن چيو ته پاڪستان والاريل اولهندي ڪناري جي اترئين حصي ۾ اسرائيلي قابض فوج پاران ڪيل تازي ??ڏي پئماني تي فوجي دراندازي تي پڻ پنهنجي شديد ڳڻتي جو ا??هار ڪيو آهي. ترجمان چيو ته اهو حملو چوٿين جنيوا ڪنوينشن ۽ عالمي قانون جي هڪ ٻي واضح خلاف ورزي آهي جيڪو والاريل علائقن ۾ شهر??ن کي بنا فرق جي ن??انو بڻائڻ کان منع ڪري ٿو.