ڪراچي – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملڪي سامونڊي حدن جي دفاع جي لاءِ مضبوط ??حريه جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي جيو اڪنامڪ مفادن جي تحفظ جي لاءِ پاڪ بحريه کي مضبوط ??ڻائڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي ۾ پي اين ا??س بابر ۽ حنين جي پاڪ بحريه جي ٻي??ي ۾ شموليت جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر پي اين ا??س بابر ۽ حنين جي پاڪستان نيوي جي ٻي??ي ۾ شموليت جي آجيان ڪندي چيو ته ٻئي جهاز پاڪ بحريه جون وڌندڙ آپريشنل ذميواريون پوريون ??رڻ ۾ مدد ڏيندا. صدر چيو ته پي اين ا??س بابر ۽ حنين جي سامونڊي ٻي??ي ۾ شموليت ملڪي سامونڊي دفاعي صلاحيتون مضبوط ??ڻائڻ طرف اهم ڪاميابي آهي، جهاز روايتي ۽ غيرروايتي خطرن جو مقابلو ??رڻ ۾ بحريه جي آپريشنل تيارين ۾ اضافو ڪندا. آصف علي زرداري چيو ته جهاز ترڪيه سان اسان جي مضبوط ??وستي، رومانيه ۾ ڊچ ڊيمين شپ يارڊ تي اعتماد جي علامت آهي، جهازن سان پاڪ بحريه جي ملڪي سامونڊي حدن جي دفاع جي صلاحيت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هن ميري ٽائيم سيڪيورٽي، علائقائي استحڪام، سامونڊي رستن جي حفاظت ۾ پاڪ بحريه جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪ بحريه واپار جي مسلسل پهچ کي يقيني بڻائي رهي آهي. صدر چيو ته پاڪ بحريه ملڪ جي سامونڊي حدن جو دفاع ڪري رهي آهي، هن پاڪستان جي خودمختياري، امن، خوشحالي ۽ استحڪام برقرار رکن، ملڪ جو هر قيمت تي دفاع ??رڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته دفاع ۽ شهيدن جو ڏهاڙو اسان جي هٿياربند فوج ۽ شهرين جي حوصلي، اتحاد ۽ عزم جي ياد ڏياري ٿو. صدر چيو ته هٿياربند فوج ۽ شهرين ٻاهرئين جارحيت جي خلاف قوم جو دفاع ڪيو آهي، ملڪ جي دفاع ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن پاڪستان، ترڪيه ۽ ڊچ ڊيمين شپ يارڊ جي ٽيمن جا ٿورا مڃيا. صدر پي اين ا??س بابر ۽ حنين جي ڪمانڊنگ آفيسرز ۽ عملي کي خصوصي مبارڪباد ڏني. تقريب کي چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف پڻ خطاب ڪيو. هن چيو ته جهازن جي پاڪ بحريه جي ٻي??ي ۾ شموليت اهم سنگ ميل آهي. ايڊمرل نويد اشرف چيو ته سامونڊي جهاز پاڪستان، ترڪيه ۽ رومانيه جي وچ ۾ گهري دوستي ۽ تعاون جو مظهر آهن. صدر ان موقعي تي سامونڊي جهازن جي اسڪرولز ڪمانڊر پاڪستان فليٽ جي حوالي ڪئي.