ڪراچي-06 سيپٽمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ڪراچيءَ ۾ بحريه قبرستان ۾ شهيدن جي مزار ت?? حاضري ڀري گُل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪ??ي. ??ن موقعي تي پاڪ بحريه جي جٿي سلامي پيش ڪ??ي. ??ن موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته 6 سيپٽمبر 1965ع جو ڏينهن اسان جي بهادر فوج دليري ۽ جانبازي جو مظاهرو ڪندي دشمن جي عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. وفاقي وزير چيو ته ملڪ جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي. هن چيو ته هن وقت ملڪ ۽ قوم کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. اسان سمورن چئلينجز کي م??نه?? ڏيڻ لاءِ قوم جي خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. وفاقي وزير چيو ته پ??ڪستاني عوام ۽ حڪومت هميشه وانگر پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.