اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق فلسطين، يمن ۽ لبنان تي اسرائيلي حملن جي مذمت ??ندي گڏيل قومن کان ان جو سخت نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي. ڪالهه پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن اسرائيل هٿان لبنان جي معصوم شهرين جي قتلِ عام تي گهري ڏُک، افسوس ۽ سوڳوار خ??ندانن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. اسپيڪر چيو ته پاڪستاني عوام جي دل فلسطين ۽ لبنان جي عوام سان گڏ ڌڙڪي ٿي، مشڪل جي هن ??هڙيءَ ۾ پاڪستان جي پارليامينٽ، فلسطين ۽ لبنان جي عوام سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪري ٿي. هن ??يو ته اسرائيل جا فلسطين ۽ يمن کانپوءِ لبنان تي جاري فضائي حملا خطي ۾ جنگي جنون جو چِٽو ثبوت آهن. اسرائيل جو جارحاڻو رويو نه صرف خطي پر پوري دنيا لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي. هن ??يو ته اسرائيل جي جنگي جنون خطي جي امن کي وڌيڪ خطري ۾ وِجهي ڇڏيو آهي، فلسطين ۾ 42 هزار معصوم شهرين جي قتلِ عام باوجود اسرائيل جو جنگي جنون مڪمل ناهي ٿيو. اسرائيل جا هٿ فلسطين ۽ لبنان جي معصوم ٻارن ۽ بز??گن جي رت سان رڱيل آهن. هن ??يو ته اسرائيل فلسطين کان پوءِ يمن ۽ لبنان تي حملا ڪري دنيا جي امن کي چئلينج ڪيو آهي، اسرائيل جو جنگبندي کان اِنڪار خ??ي کي جنگ جي ڌُٻڻ ۾ وِجهڻ جو چِٽو ثبوت آهي. اسپيڪر چيو ته اسرائيل جي ناپاڪ مقصدن سان وچ اوڀر جي امن کي شديد خطرا درپيش آهن. نيتين ياهو جون گڏيل قومن جي فورم تي بيهي دنيا کي ڌمڪيون ڏيڻ ڳڻتي ۽ مذمت جوڳيون آهن. هن ??يو ته مسلمان اُمت ??ي فلسطين، يمن ۽ لبنان تي اسرائيلي حملن خلاف پنهنجي خاموشي ٽوڙڻي پوندي. مسلمان اُمت ??ي اسرائيلي جارحيت خلاف آواز اُٿارڻو پوندو. اسرائيل جي ناپاڪ اِرادن کي نه روڪيو ويو ته اها جنگ پوري خطي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي سگهي ٿي.