اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) انساني حقن بابت سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پهرين آڪٽوبر تي ج??هن اسان بز??گ شهرين جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، ته اسان کي اهو موقعو غنيمت سمجهڻ گهرجي، پنهنجن بز??گن جي حقن ۽ وقار جي تحفظ جو عهد ٻيهر ورجائڻ گهرجي، اچو اسان پنهنجن بز??گن جي لازوال خدمتن جو اعتراف ڪريون، سندن فلاح ۽ بهبود لاءِ پنهنجي عزم کي تازو ڪريون، اسان جي بز??گ شهرين جي قي??تي تجربن ۽ انمول بصيرت نه صرف اسان جي معاشري لاءِ اهم آهي پر ان قوم کي درپيش چئلينجن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا. بز??گ شهرين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته ان پسِ منظر ۾ انساني حقن واري وزارت ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي ته بز??گن جي حقن جي تحفظ لاءِ قانوني ڍانچي ۽ سماجي پاليسين کي مضبوط بڻايو وڃي، اسان جي ڪوشش جو محور بنيادي خدمتن تائين رسائي، شعور اجاگر ڪرڻ ۽ هڪ اهڙو ماحول ج??ڙڻ آهي جيڪو بز??گن جي فعال شرڪت جي همت افزائي ڪندو هجي، اڄ جي پيچيده مسئلن کي حل ڪندي اسان ان ڳالهه جو خيال رکون ته اسان جا بز??گ معاشرتي ترقيءَ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ان کان علاوه انهن مسئلن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ حڪومت، سول سوس??ئٽ?? ۽ نجي شعبن وچ ۾ سهڪار ضروري آهي ته جيئن اسان جا بز??گ شهري پاڻ کي محفوظ ۽ قابل قدر محسوس ڪن. اها اسان سڀني جي اجتماعي ذميداري آهي ته انهن جي ضرورتن جو خيال رکون ۽ کين معاشري جو اهم حصو سمجهون. اچو گڏجي پنهنجي بز??گ شهرين جو احترام ڪريون ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ته سندن عزت ۽ سارسنڀال لهون جنهن جا هو حقدار آهن.