اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڊينمارڪ ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۽ نئين سر جوڙجڪ جي حوالي سان ??فاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. اربع ڏينهن سامونڊي معاملن واري وزارت طرفان جاري بيان ??وجب حڪومت پاڪستان طرفان سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير قيصر احمد شيخ پائيدار انفرا اسٽرڪچر پراجيڪٽ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري جي حوالي سان ??فاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون جڏهن ته پاڪستان ۾ مقرر ڊينمارڪ جي سفير جيڪب لنلف ڊينمارڪ جي صنعت، ڪاروبار ۽ مالياتي معاملن واري وزير طرفان صحيح ٿيل ايم او يو پيش ڪيو. ان ??فاهمتي يادداشت کانپوءِ مارسڪ (ڊينمارڪ جي شپنگ ڪمپني) پاڪستان جي ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ اٽڪل 2 بلين ڊالرن جي سيڙپڪاري لاءِ تيار آهي. ان کان اڳ پاڪستان جي ميري ٽائيم سيڪٽر لاءِ ايتري وڏي سيڙپڪاري جي حوالي سان ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي. مفاهمتي يادداشتن جي ان تقريب ۾ ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، واپار وارو وزير ڄام ڪمال خان، رٿابندي وارو وزير اح??ن اقبال، صنعت ۽ واپار وارو وزير راڻا تنوير حسين، توانائي وارو وزير اويس لغاري، ڊائريڪٽ?? جنرل ايس آءِ ايف سي ميج?? جنرل اسد الرحمان به موجود هئا. ان ??وقعي تي وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو ته اسان ??يري ٽائيم سيڪٽر ۾ ان شاندار اڳڀرائي تي ڊينمارڪ جي حڪومت جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ان ??ادداشت جي نتيجي ۾ سامونڊي معاملن واري وزارت سمورن بندرگاهن ۾ لاجسٽڪ جي نظام کي جامع ڪري سگهي ٿي. ڪراچي ۾ گَهري پاڻي جو ڪنٽينر ٽرمينل قائم ڪري سگهجي ٿو. عالمي بحري تنظيم ۽ يورپي يونين جي معيار موجب گڏاڻي ۾ جهازن جي ري سائيڪلنگ جون سهولتون بهتر بڻائي سگهجن ٿيوون. پاڪستان ??يري اڪيڊمي جي نصاب ۽ ٻين شين ۾ جدت آڻڻ سان گڏوگڏ بندرگاهن کي مسلسل فني ۽ تربيتي مدد فراهم ڪندي. وفاقي وزير قيصر احمد شيخ پاڪستان جي شپنگ انڊسٽري ۾ مارسڪ ڪمپني جي اهميت تي به روشني وڌي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ڪنٽينرائزڊ امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ ۾ مارسڪ وٽ سڀ کان ??ڌيڪ (20 سيڪڙو) مارڪيٽ شيئرز آهن. ان کانسواءِ ان ڪمپني جو عالمي مارڪيٽ ۾ سرمايو اٽڪل 175 بلين ڊينش ڪرون آهي. هن وڌيڪ چيو ته سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ ڊينمارڪ جي حڪومت ان ??فاهمتي يادداشت لاءِ گذريل 6 مهينن کان ??سلسل ڪم ڪري رهي آهي. پاڪستان ۾ ڊينمارڪ جي سفير جيڪب لنلف به ان اڳڀرائي تي پاڪستان حڪومت ۽ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جو ٿورو مڃيو. ٻنهي ڌرين سامونڊي شعبي جي ترقي لاءِ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جو ورجاءُ ڪيو.