اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي)قومي اس??مبلي جي اس??يڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته لياقت علي خان جي ملڪ ۽ قوم ل??ءِ پيش ڪيل خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، لياقت علي خان آزادي واري تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سندس شمار قائداعظم محمد علي جناح جي انتهائي بااعتماد ۽ مخلص ساٿين ۾ ٿئي ٿو، شهيد ملت ۽ پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان جي ورسي جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ اس??يڪر چيو ته شهيد ملت لياقت علي خان جي ورسي جي موقعي تي قوم ۽ ملڪ ل??ءِ پيش ڪيل قربانين ۽ خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته شهيد ملت لياقت علي خان تحريڪ پاڪستان جي سرگرم اڳواڻ قائداعظم محمد علي جناح جو ساٿي ه??. اس??يڪر چيو ته لياقت علي خان آزادي واري تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، هن پاڪستان جي وزيراعظم طور ملڪ جي بنيادن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ قوم کي متحد ڪرڻ ل??ءِ اڻ ڳڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون. شهيد ملت اصولن ۽ نظرين تي ٺاهه ڪرڻ کانسو??ءِ پاڪستان جي آزادي، سلامتي ۽ ترقي ل??ءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي. اس??يڪر چيو ته پاڪستان کي هڪ مضبوط، خوشحال ۽ پرامن بڻائڻ ۾ اسان کي لياقت علي خان جي نقش قدم تي ه??ڻ جي ضرورت آهي. اس??يڪر لياقت علي خان جي ورسي کي قومي يڪجهتي ۽ اتحاد سان ملهائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته شهيد ملت کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته سندس مشن کي اڳتي وڌائيندي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. هن الله تعاليٰ کان لياقت علي خان جي درجن جي بلندي ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي ل??ءِ دعا ڪئي.