سرينگر-25 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائن ج?? ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ ترسيل ڪشميري 27 آڪٽوبر کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا ته جيئن دنيا کي اهو واضح پيغام ڏئي سگهجي ته ڀارت سندن مادر وطن تي غير قانوني طور تي سندن خواهشن خلاف قبضو ڪري رکيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي فارمولي جي کليل خلاف ورزي ۽ ڪشميرين ج?? امنگن خلاف سرينگر جي هوائي اڏي تي پنه??جي فوج لاهي ڄمون ڪشمير تي قبضو ڪري ورتو هو. ڪاري ڏينهن ج?? موقعي تي آزاد ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي مارچ، ريليون ۽ سيمينار منعقد ڪيا ويندا. ان موقعي تي بي جي پي جي هندوپرست حڪومت طرفان 5 آگسٽ 2019ع تي ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي به ??ذم?? ڪئي ويندي. ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو سڏ ڪل جماعتي حريت ??ان??رنس ڏنو آهي ۽ ٻين آزاد پسند تنظيمن ان ج?? حمايت ڪئي آهي. حريت اڳواڻن ڪشميرين تي زور ڀريو آهي ته هو ڪارو ڏينهن ملهائي دنيا تي واضح ڪن ته ڄمون ڪشمير جي ڀارتي ڏاڍ کان آزادي تائين پنه??جي آزادي جي جدوجهد جاري رکندا. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪري ۽ ڪشميرين کي درپيش انساني حقن ج?? سنگين خلاف ورزين ۽ سياسي ناانصافين ج?? نوٽيس وٺي ۽ گڏيل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين کي سندن خود اراديت وارو حق ڏيارڻ لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي. سرينگر، بارهموله، پلوامه، اسلام آباد، ڪولگام، ڪپواڙه ۽ ڄمون ڪشمير جي ٻين حصن ۾ پوسٽر لڳايا ويا آهن ج?? ۾ ڪشميرين تي زور ڀريو ويو آهي ته هو پنه??جي مادر وطن تي ڀارت جي غير قانوني قبضي خلاف آچر ڏينهن مڪمل هڙتال ڪن. پوسٽرن تي ڪل جماعتي حريت ??ان??رنس جي چيئرمين مسرت عالم بٽ، شبير احمد شاه، محمد ياسين ملڪ، مير واعظ عمر فاروق ۽ مشتاق الاسلام سميت سينئر حريت اڳواڻن ج??ن تصويرون موجود آهن. پوسٽر سماجي رابطن ج?? ويب سائٽس، ايڪس، فيس بڪ ۽ واٽس ايپ تي به اپ لوڊ ڪيا ويا آهن.