اسلام آباد-26 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري ڪشميري عوام جي منصفاڻي جدوجهد لاءِ پاڪستان جي پختي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جو ورجاءُ ڪندي عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته هو ڀارت جي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي ??وڪڻ ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عمل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي. پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ سندن خود ارادايت واري حق کي ??اصل ڪرڻ تائين گڏ بيٺل رهندو. هن اها ڳالهه ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو (اڄ) 27 آڪٽوبر تي ملهايو پيو وڃي. صدر آصف علي زرداري چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع جو ڏينهن ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي. اڄوڪي ڏينهن ڀارت ڄمون ڪشمير تي قبضي لاءِ فوج ڪشي ڪئي. هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڀارتي غير قانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام ڀارتي فوج جي وحشياڻي ڏاڍ کي ??رداشت ڪري رهي آهي. گذريل سالن ۾ ڀارت والاريل ڄمون ڪشمير کي ??نيا جي سڀ کان وڌيڪ عسڪريت سٽيل عل??ئق?? مان هڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت تائين هزارين بي گناهه ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪشميرين جي اصل قيادت قيد آهي ۽ مقامي ميڊيا کي وڏي پئماني تي سنسر ڪيو ويو آهي. صدر مملڪت چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڪيترائي ڀيرا منصفاڻي ۽ غير جابنداراڻي راءِ ذريعي ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق جي توثيق ڪري چڪي آهي. ان جي باوجود ڀارت انهن قراردادن جي خلاف ورزي ۽ ڪشميرين کي ??ندن بنيادي حقن کان محروم ڪندو آيو آهي. هن چيو ته آگسٽ 2019ع کانپوءِ ڀارت والاريل ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ان جي آبادياتي ۽ سياسي منظرنامي کي ??دلائ?? جي قدمن سان پنهنجي قبضي کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو آهي. اهي ڪارروايون ڪشميرين جي آزادي واري تحريڪ کي ??ٻائڻ ۽ ڀارتي قبضي کي مضبوط ڪر?? جي هڪ وسيع حڪمت عملي جو حصو آهن. هن چيو ته انهن جي جابراڻي حربن باوجود ڪشميري عوام پنهنجي آزادي جي جدوجهد تي قائم آهي. اسان ڀارت جي جاري ظلمن جي شديد مذمت ڪريون ٿا ۽ ڪشميري عوام جي منصفاني جدوجهد لاءِ پنهنجي پختي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا. صدر آصف علي زرداري چيو ته وچ اوڀر ۾ ٿيل تازي اڳڀرائي ان ڳالهه جي واضح يادگيري آهي ته پراڻن تڪرارن کي ??ل طلب نه رهڻ گهرجي. عالمي قانونن جون خلاف ورزيون ۽ تڪرارن ک?? نظر انداز ڪرڻ ڊگهي امن جي ضمانت ناهي. هن چيو ته ڪشميرين جا ٽي نسل عالمي برادري خاص ڪري گڏيل قومن طرفان سندن خود اراديت واري حق ڏيارڻ جا منتطر آهن. دنيا هاڻي پنهنجي ذميواري کي وڌيڪ نظر انداز نٿي ڪري سگهي. صدر چيو ته اسان عالمي برادري تي زور ڀريون ٿا ته هو ڀارت تي دٻاءُ وجهي ۽ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي ??وڪي، ڪشميرين جي مشڪلاتن ک?? گهٽ ڪري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري. پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ سندن خود اراديت واري حق کي ??اصل ڪرڻ لاءِ بيٺل رهندو.