ماسڪو-28 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ??ردار اياز صادق پنهنجي روس جي هم منصب ۽ ملڪ جي هيٺين ايوان اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين ولوڊن وڪٽورووچ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي پارلياماني ۽ اقتصادي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پاڪس??ان روس سان پنهنجي پراڻي دوستاڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل آهن. سردار اياز صادق اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين سان پنهنجي پراڻي دوستاڻي لاڳاپ?? جو حوالو ڏيندي روس جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي ا?? جو ٿورو مڃيو. اسپيڪر ??ردار اياز صادق ايندڙ اسپيڪر ڪانفرنس ماسڪو ۾ ڪرائڻ جي تجويز پڻ ڏني. اسٽيٽ ڊوما جي چيئرم??ن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ??ي تجويز سان اتفاق ڪيو. اسپيڪر ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ آئنده اسپيڪر ڪانفرنس ۾ واپاري برادري کي به دعوت ڏيڻ جو چيو. اسپيڪر ڪانفرنس جو آئنده اجلاس 2025ع ۾ ماسڪو ۾ ٿيندو. ٻنهي اڳواڻن ملڪن جي پارليامينٽ وچ ۾ رابطن کي مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. روس جي اسٽيٽ ڊوما ۽ پاڪس??ان جي قومي اسيمبلي وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي اهم معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. معاهدي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين صحيحون ڪيون. معاهدي تحت ٻنهي پارليامينٽ وچ ۾ پارلياماني ڪميٽين ۽ پارلياماني فرينڊشپ گروپس ذريعي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو ويندو. اسپيڪر ??ردار اياز صادق اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين ۽ سندس وفد پاران والهاڻو استقبال ڪرڻ ۽ ميزباني تي ٿورا مڃيا. اسپيڪر پنهنجي روس جي هم منصب کي پاڪس??ان جي دوري جي دعوت ڏني. اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين اسپيڪر ??ي دعوت قبول ڪندي جلد پاڪس??ان جو دورو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ پاڪس??ان جو پارلياماني وفد ۽ اسٽيٽ ڊوما جا ميمبر به موجود هئا. اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين اسٽيٽ ڊوما آمد تي اسپيڪر ۽ سندس وفد جو شاندار استقبال ڪيو.