اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي)هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير ميان ??ياض ??سين پيرزاده چيو آهي ته وڌندڙ آباديءَ سان هائوسنگ جي ضرورتن کي ??ه هنگامي بنيادن تي ڏسڻو پوندو، پاليسي سازيءَ ۾ يونيورسٽين ۽ ريسر??رز جو اِن پُٽ اڻٽر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگوئجز ۾ ريئل اسٽيٽ جي موضوع تي ڪانفرنس کي ??اص مهمان ??ور خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته نمل مبارڪن جي مستحق آهي ته پهريون ڀيرو ان موضوع تي اهڙي ڪانفرنس منعقد ڪئي. هائوسنگ جي ضرورتن کي هنگامي بنيادن تي ڏسڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته اسان کي ??نهن ملڪن جي ماڊلز جي پيروي ڪرڻي پوندي جن نئين آئيڊياز سان هائوسنگ ۽ ريئل اسٽيٽ ۾ بي پناهه ترقي ڪئي. ان ??ان گڏوگڏ پاليسي سازيءَ ۾ يونيورسٽين ۽ ريسر??رز جو اِن پُٽ به اڻٽر آهي. هن چيو ته ريئل اسٽيٽ ۽ هائوسنگ ۾ شفافيت ۽ سهڪار جو فقدان ??هي، شاگرد اسان ??و قيمتي سرمايو آهن جن جي شموليت ريئل اسٽيٽ جي شعبي ۾ نواڻ آڻيندي.