اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) هر پاڪستان شهري لاءِ 18 سال ??مر مڪمل ٿيڻ تي 90 ڏينهن اندر قومي شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ لازمي ??هي. نادرا آرڊ:ننس 2000ع جي سيڪشن (1)9 تحت 18 سال جي ??مر کانپوءِ 90 ڏينهن اندر شناختي ڪارڊ لاءِ درخواست ڏيڻ ضروري ??هي. وقت سر درخواست نه ڏيڻ تي نادرا آرڊيننس جي سيڪشن (اِي)30 موجب 6 مهينا قيد يا سخت پورهئي سان يا 50 هزار رپين تائين ڏنڊ يا ٻئي سزائون ٿي سگهن ٿيون. نادرا عملدارن موجب والدين ۽ سرپرستن کان گذارش آهي ته هو پنهنجن ٻارن جي 18 سالن جي ??مر مڪمل ٿيڻ تي سندس شناختي ڪارڊ بڻائين ته جيئن هو پاڪستاني شهري جي سمورن حقن مان فائدو کڻي سگهن. وڌيڪ ڄاڻ ۽ تازي اپ ڊيٽس لاءِ نادرا جي آفيشل سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي فالو ڪريو. نادرا عملدارن جو چوڻ آهي ته پنهنجي سُڃاڻپ کي يقيني بڻايو ۽ قومي ڪارڊ لاءِ وقت تي درخواست ڏيو.