اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير پ??وفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پنج ساله ”اُڏار پ??ڪ??تا??“ منصوبو معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ملڪ کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ ??رتيب ڏنو ويو آهي، منصوبي جو مقصد جديد معيشت وارا سڌارا ۽ ڊگهي مُدي جي حڪمت عملي ذريعي پاڪ??تا?? کي مالي خودمختياري طرف وٺي وڃڻ آهي. اهڙو اطهار هن ڪالهه ”اُڏام پاڪ??تا??“ جي حوالي سان پريس ڪان??رن?? کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ”اُڏار پ??ڪ??تا??“ منصوبو ملڪ جي معاشي ترقيءَ لاءِ ??امع سڌارن ۽ قدمن تي ٻَڌل آهي. هن امن امان، سياسي ۽ معاشرتي استحڪام ۽ مسلسل سڌارن واري عمل ذريعي ترقيءَ جي تسلسل کي يقيني بنائڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته پاليسين جي هم اهنگي ۽ مستقل مزاجي اهم عمل آهن ته جيئن ترقياتي هدف حاصل ڪري سگهجن. هن چيو ته ”اُڏار پ??ڪ??تا??“ منصوبو معيشت کي مضبوط بنائڻ ۽ ملڪ کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪرڻ جو عزم رکي ٿو. هن چيو ته پاڪ??تا?? کي 2047ع تائين 3 کرب ڊالرن جي معيشت ۽ 2030ع تائين دنيا جي ٽاپ 20 معيشتن ۾ شامل ڪرڻ جو منصوبو آهي، روانگي واپار ۾ ميڊ اِن پاڪ??تا?? شين جي روانگي واپار تي ڌيان ڏنو ويندو، جديد ٽيڪنالاجي کي معيشت جو حصو بڻائڻ ۽ ”ٽيڪنو معيشت“ کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته زراعت جي ميدان ۾ هڪ هزار زرعي ماهرن کي چين ۾ تربيت ڏيڻي آهي، معدنيات جي شعبن ۾ بلوچ??تا?? جا وسيلا ڪتب آڻڻ لاءِ قدمن تي خاص توجهه ڏني ويندي. هن چيو ته بليو اڪانومي ۾ فشنگ ۽ سامونڊي وسيلن کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي، ثقافتي صنعت، تخليقي ۽ ثقافتي شعبن جي ترقي به شامل آهن. هن چيو ته نجي شعبي جي ڀرپور سپورٽ فراهم ڪنداسين، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪ??تا??ين پاران اُماڻيل ناڻي ذريعي حصو وِجهڻ جي ترغيب ڏني وئي. احسن اقبال ايڪسچينج ريٽ جي استحڪام کي ملڪي معيشت لاءِ مُک قرار ڏنو ۽ چيو ته ان جو ڀاڙڻ روانگي واپار ۾ واڌ تي آهي. هن چيو ته روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ ??وامي شعور اجاگر ڪرڻ ۽ـ ميڊيا ذريعي هڪ قومي تحريڪ هلائڻ تي زور ڀريو ته جيئن نوجوان نسل ۾ روانگي واپار جي اهميت کي اجاگر ڪري سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ”اُڏام پاڪ??تا??“ منصوبو هڪ جامع حڪمت عملي آهي جيڪا معيشت جي مختلف رُخن کي گڏائي پائيدار ترقي جي راهه هموار ڪندو، هي منصوبو روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ۽ مجموعي معاشي استحڪام لاءِ هڪ واضح لائحه عمل فراهم ڪري ٿو.