اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ڪيسن جي حوالي سان ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي وڌيڪ ڪ??رروائي جمعو 10 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ خميس ڏينهن به ٻڌڻي ڪئي. بينچ جي ٻين ميمبرن ۾ جسٽس جمال خان مندو خيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس نع??م اختر افغان ۽ جسٽس شاهد بلال حسن شامل هئا. دفاع واري وزارت جي ??ڪي?? خواجه حارث دليل جاري رکيا. ڪيس جي وڌيڪ ڪ??رروائي جمعي تائين ملتوي ڪئي وئي جنهن ۾ دفاع واري وزارت جو ??ڪي?? پنهنجا دليل جاري رکندو.