واشنگٽن_07 ڊسمبر(اي پي پي) آمريڪي رياست نيواڊا جي شهر لاس ويگاس ۾ واقع نيواڊا يونيورسٽي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٽي ماڻهو مارجي ويا ۽ هڪ شديد زخمي ٿي پيو جڏهن ته ??وا??ي ڪاروائي ۾ حم??و ڪندڙ شخص پڻ مارجي وي??. ا?? ايف پي موجب واقعو گذريل ڏينهن لاس ويگاس جي جوئي مرڪز ۽ مشهور سياحتي مرڪز ويجهو واٰقع نيواڊا يونيورسٽي ۾ پيش آيو، لاس ويگاس جي شيرف ڪيون ميڪ ماهل پريس ڪانفرنس دوران چيو ته متاثرن مان ٽن ماڻهن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ٿي وئي آهي جڏهن ته چوٿون زخمي آهي، هن ٻڌايو فائرنگ جو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو جنهن کان پوءِ فوري طور تي پوليس موقعي تي پهچي وئي ۽ ??وا??ي فائرنگ ۾ هٿياربند شخص مارجي ويو، آمري??ي صدر ان واقعي تي شديد مذمت ڪئي آهي.