اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ آرمي چيف جي مل??زم?? جي ??دي ۾ واڌ جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي آبزرويشن جو جائزو ورتو ويو ۽ آرٽيڪل 255 ۾ ترميم ذريعي لفظ ??دي ۾ واڌ جي اضافي جي منظوري ڏني وئي. وفاقي ڪابينا وزيراعظم عمران خان جي پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جي مل??زم?? جي ??دي ۾ واڌ جي فيصلي جي مڪمل حمايت ڪري ڇڏي آهي. وفاقي وزير شفقت محمود، شيخ رشيد احمد ۽ وزيراعظم جي احتساب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي هنگامي اجلاس ک??نپ??ءِ پي آءِ ڊي ۾ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيا هئا. پيشيواراڻي تعليم ۽ تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود ڪابينا اجلاس جي حوالي سان ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي هنگامي اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس، عدالت جي آبزرويشن ?? نوٽيس?? جاري ڪرڻ جي معاملي تي غور ڪيو ويو.