اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ايندڙ مالي سال 21 – 2020ع جي 7137 ارب رپيا ڪاٿي واري ٽيڪس فري وفاقي بجيٽ جي ??نظوري ڏئي ڇڏي، اين ايف سي ايوارڊ تحت 2874 ارب رپين جو روينيو صوبن کي منتقل ڪيو ويندو، سماجي ??حفظ جو پروگرام 187 ارب مان وڌ??ئي 205 ارب رپيا ڪيو ويو، توانائي، خوراڪ ۽ ٻين شعبن ۾ سبسڊي جي ??اءِ 179 ارب رپيا رکيا ويا آهن، اوڳاڙين جو هدف 6573 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، سرڪاري شعبي جي ??رقياتي پروگرام جي ??اءِ 650 ارب رپيا رکيا ويا آهن، بجيٽ خسارو جي ڊي پي جو 7 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، سيلز ٽيڪس جي ??رح 14 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 12 سيڪڙو ڪئي وئي، سيمنٽ تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 2 رپيا گهٽ ڪري 1 رپيو 75 پئسا ڪئي وئي، پاڪستان ۾ ٺهندڙ موبائيل فونز تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽت??ئي ڪئي وئي آهي، درآمدات تي انڪم ٽيڪس جي ??رح کي خام مال تي 5.5 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 2 سيڪڙو ۽ مشينري تي ٽيڪس 5.5 سيڪڙو مان گهٽ ڪري هڪ سيڪڙو ڪيو ويو آهي، گهٽ ۾ گهٽ پگهار 15 هزار مان وڌ??ئي 25 هزار ڪئي وئي، موٽرسائيڪل رڪشا ۽ 200 سي سي تائين موٽرسائيڪل تي ايڊوانس ٽيڪس ختم ڪيو ويو، ٽيڪس ادا نه ڪندڙ اهڙا ماڻهو جيڪي اسڪول جي ??اليانو فيس 2 لک رپين کان وڌيڪ ادا ڪن ٿا، ان کان سئو سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪيو ويندو، ڊبل ڪيبن پڪ اپ تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي، انرجي ڊرنڪس تي ايف اي ڊي 13 سيڪڙو مان وڌ??ئي 25 سيڪڙو، درآمدي سگريٽس، ٻيڙيءَ، سگار ۽ تماڪو جي ??ين شين تي لاڳو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 65 سيڪڙو مان وڌ??ئي 100 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، ڪوويڊ 19 بابت صحت جي ??از و سامان جي ??رآمد تي جاري ڇوٽ ۾ وڌيڪ ٽن مهينن جي ??اڌ ڏني وئي آهي، ايندڙ مالي سال دوران جي ڊي پي جي ??اڌويجهه جي ??رح کي 0.4 سيڪڙو مان وڌ??ئي 2.1 سيڪڙو تي آندو ويندو، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي 4.4 سيڪڙو تائين محدود رکيو ويندو، ناڻي واڌ جي ??رح 9.1 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 6.5 سيڪڙو تائين آندي ويندي، سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 25 سيڪڙو تائين جو اضافو ڪيو ويندو. وفاقي وزير حماد اظهر ڪجهه ترميمن سان گڏ مالي بل 2020ع غور هيٺ آڻڻ جي ??اءِ پيش ڪيو جنهن ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر پاران ترميمون پيش ڪيون ويون ۽ انهن مان ڪجهه ترميمون منظور ڪري ان کي مالي بل جو حصو بڻايو ويو. ايندڙ مالي سال جي ??جيٽ جي ??نگن اکرن موجب ڪل روينيو ڪاٿو 6573 ارب رپيا آهي جنهن ۾ ايف بي آر روينيو 4963 ارب رپيا ۽ نان ٽيڪس روينيو 1610 ارب رپيا شامل آهي. اين ايف سي ايوارڊز تحت 2874 ارب رپين جو روينيو صوبن کي منتقل ڪيو ويندو. نيٽ وفاقي روينيو جو ڪاٿو 3700 ارب رپيا آ??ي. ??ل وفاقي خرچن جو ڪاٿو7137 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. اهڙي طرح بجيٽ خسارو 3437 ارب رپين تائين رهڻ جي ??ميد آهي جيڪو جي ڊي پي جو 7 سيڪڙو بڻجي ??و ۽ پرائمري بيلنس 0.5 سيڪڙو هوندو. غريبن جي ??حساس پروگرام جي ??جيٽ وڌ??ئي 208 ارب رپيا ڪئي وئي آهي، توانائي، خوراڪ ۽ ٻين شعبن کي مختلف قسم جون سبسڊيز ڏيڻ جي ??اءِ 179 ارب رپين جي ??قم رکي وئي آهي. ايڇ اي سي جي ??جيٽ وڌ??ئي 64 ارب رپيا ڪئي وئي آ??ي. ??هٽ قيمت تي گهر فراهم ڪرڻ لاءِ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي کي 30 ارب رپيا فراهم ڪيا آهن. اخوت فائونڊيشن جي ??رضه حسنه اسڪيم ذريعي گهٽ لاڳت وارن رهائشي گهرن جي ??عمير جي ??اءِ ڏيڍ ارب رکيا ويا آهن. بجيٽ ۾ خصوصي علائقن آزاد ڪشمير جي ??اءِ 55 ارب رپيا ۽ گلگت بلتستان جي ??اءِ 32 ارب رپيا رکيا ويا آهن. خيبرپختونخواهه جي ??م ٿيل ضلعن جي ??اءِ 56 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ان کانسواءِ سنڌ کي 19 ارب رپيا ۽ بلوچستان کي 10 ارب رپين جي ??صوصي گرانٽ انهن جي ??ين ايف سي حصي کان وڌيڪ ڏني وئي آهي.