لاهور – 19 آگسٽ (اي پي پي) پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور ??ان گورنر هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪراسد قيصر ۽ اطلاعات ??اري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ ڌار ڌار ملاقاتو?? ڪيون، جنهن ۾ پارلياماني، حڪومتي ۽ سياسي مع??ملن سميت ٻين مع??ملن جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ملاقات ۾ پوليٽيڪل سيڪريٽري ٽو گورنر پنجاب ميان ڪاشف اقبال ۽ پنجاب حڪومت جي سوشل ميڊيا فوڪل پرسن ميان انس اسلم ڊوله به موجود هئا، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ۾ پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور چيو ته مخالف ڌر کي قومي مفاد ۾ ٿيندڙ قانونسازي ۾ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، حڪومت پارليامينٽ سميت ادارن جي مضبوطي تي يقين رکي ٿي، هن چيو ته ادارن جي استحڪام سان ئي پاڪستان مضبوط ۽ خوشحال ٿيندو، هن جو چوڻ هو ته الحمدالله پاڪستان جو تيزي سان اڄ دنيا ۾ اميج بهتر ٿي رهيو آهي.