اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جي ٽيسٽنگ ۽ را??طي جو پتو لڳائڻ جو جائزو ورتو ۽ صوبائي انتظاميه کي هدايت ڪئي ته هو ڪورون?? وائرس سبب متاثر مريضن جي ح??الي سان باخبر رهي، ڪووڊ-19 جي مريضن سان را??طو ۽ قرنطينه جي لاءِ موجوده انتظامن ۾ اضافو ڪري، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي جي اجلاس ۾ ٽيم اين سي او سي جي ذريعي بلوچستان جي دوري بابت اپ ڊيٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. تعليم واري وزارت جي اهتمام هيٺ اسڪولن جي ح??الي سان عمومي سوالنامو سان گڏ جواب ۽ ان وبائي چارٽ جي ح??الي سان انگ اکر، اندروني ملڪ سفر ڪندڙ مسافرن بابت پاليسي ۽ پاڪ ٽريڪ ايپليڪيشن پورٽل جو به جائزو ورتو، فورم کي بلوچستان جي شهري ۽ ٻهراڙي علائقن ۾ ڪورون?? وائرس ٽيسٽنگ ۽ را??طي جو پتو لڳائڻ بابت ٽيم جي دوري جي نتيجن کان آگاهه ڪيو ويو.