اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مٽاسٽا جي ناڻي ۾ نمايان اضافي تي خوشي جو اظهار ڪندي آگاهه ڪيو آهي ته آگسٽ 2020ع ۾ سمنڊ پار پاڪستانين مٽاسٽا ناڻي جي مدي ۾ 2095 ملين ڊالر موڪليا جيڪي گذريل سال آگسٽ جي مقابلي ۾ 24.4 سيڪڙو وڌيڪ آهن. پ??هن??ي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته جولاءِ 2020ع ۾ اهو مٽاسٽا جو ناڻو 2768 ملين ڊالر جي رڪارڊ سطح تائين پهتو، هن چيو ته الح??د الله هلندڙ مالي سال جي پهرين ٻن مهينن جي دوران ا??و مٽاسٽا جو ناڻو گذريل سال جي انهي عرصي دوران جي ڀيٽ ۾ 31 سيڪڙو وڌيڪ رهيو.