اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) قومي ا??يمبلي ۾ وزيراعظم جي خلاف بي ا??تمادي رٿ آئين جي خلاف قرار ڏيندي آئين جي آرٽيڪل 5 اي جي خلاف قرار ڏيندي رد ڪئي وئي. ڊپٽي ا??پيڪر قاسم خان سوري ا??لاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ رولنگ ڏيندي چيو ته وزيراعظم جي خلاف بي ا??تمادي جي رٿ آئين ۽ قانون موجب هجڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم جي خلاف بي ا??تمادي جي رٿ آئين جي آرٽيڪل 5 هڪ جي خلاف آهي ان لاءِ ان رٿ کي رد ڪريان ٿو. ان کان اڳ اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اعتراض واري نقطي تي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 95 تحت بي ا??تمادي جي رٿ جمهوري حق آهي جڏهن ته آئين جي آرٽيڪل 5 هڪ ۾ ري??ست سان وفاداري هر شهري جي بنيادي ذميواري مقرر ڪئي وئي آهي. 7 مارچ تي ا??ان جي سفير کي سرڪاري ملاقات جي لاءِ طلب ڪيو وڃي ٿو ۽ ان ملاقات ۾ اسان جي سفير کي ٻڌايو وڃي ٿو ته وزيراعظم جي خلاف بي ا??تمادي رٿ اچڻي آهي. ان وقت تائين پاڪستان ۾ ڪنهن کي به ان جي خبر نه هئي ته بي ا??تمادي رٿ اچي رهي آهي. ان ملاقات ۾ پاڪستاني سفير کي ٻڌايو وڃي ٿو ته پاڪستان سان لاڳاپن جو دارومدار ان بي ا??تمادي رٿ جي ڪاميابي تي آهي. جيڪڏهن اها رٿ ڪامياب نه ٿي ٿئي ته اڳيون ق??م سخت هوندو. وزير چيو ته ان جي فوري پوءِ بي ا??تمادي جي رٿ آندي وئي ۽ اسان جي ا??حادين ۽ اسان جي 22 ايم اين ايز جا ضمير به اوچتو جاڳي وڃن ٿا. هن چيو ته ڇا 22 ڪروڙ جي ري??ست ايتري ڪمزور آهي جو ڪو ملڪ اهڙي طرح اسان جي ملڪ ۾ مداخلت ڪري، ڇا اها آرٽيڪل 5 جي خلاف ورزي نه آهي؟ ڇا پاڪستان جي عوام ڪا ڪٺ پتلي، غلام يا ڀڪاري آهي؟ جيڪڏهن اسان غيرتمند قوم آهيون ته اهو تماشو نه ٿو هلي سگهي. هن چيو ته ان تي ڊپٽي کان رولنگ گ??رجي جنهن ان تي رولنگ ڏيندي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 5 هڪ تحت ري??ست سان وفاداري هر شهري جي بنيادي ذميواري آهي. هن چيو ته بي ا??تمادي جي ان رٿ جي پٺيان غيرملڪي سازش آهي، ان لاءِ هو رولنگ ڏي ٿو ته هو بي ا??تمادي جي ان رٿ کي رد ڪري ٿو. ان سان گڏ ئي هن قومي ا??يمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جو آرڊر پڙهي ٻڌايو.