اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ موبائيل ڊيوائس مينوفيڪچرنگ پاليسي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري حماد اظهر، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻ?? واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اداراجاتي سڌارن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خصوصي معاون ڊاڪٽر وقار مسعود، بي او آءِ جو ??يئ??مين عاطف بخاري، ايف بي آر جو ??يئ??مين جاويد غني، پي ٽي اي جو ??يئ??مين ميجر (ر) عامر عظيم باجوه ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.