اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مخالف ڌر بدران ڪرسيون ۽ سائونڊ سسٽم ڏيندڙن سميت آرگنائيزرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان ڪندي چ??و آهي ته مخالف ڌر جي جلسي ۾ رڪاوٽ نه وجهنداسين باقي ڪرسيون ۽ سائونڊ سسٽم ڏيندڙن کي نه ڇڏ??نداسين، ڪرسيءَ ڇڏ?? ڏيندس پر بدعنوان عنصرن کي اين آر او نه ڏيندس، اين آر ??و ڏنم ته اها سڀ کان وڏي غداري هوندي، مخالف ڌر سمجهي ٿي ته آئون انهن جي جلسن سان دٻاءُ ۾ اچي ويندس پر اها انهن جي غلط فهمي آهي، مخالف ڌر پارٽين کي ملڪ جي ايشوز ۾ ڪا دلچسپي نه آهي، هي ماڻهو رڳو چاهين ٿا ته آئون انهن کي اين آر ??و ڏئي ڇڏ??ان، 22 ڪروڙ مان رڳو 15 لک ماڻهو ٽيڪس ڏين ٿا، ماڻهو ٽيڪس ڏيندا ته ملڪ ترقي ڪندو، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي حڪومتن جي دور ۾ ملڪ جو قرض 6 هزار ارب ڊالر مان 30 ارب ڊالرز تائين پهتو، قرضن جي قسطن جي ادائيگي سان ملڪ تي بار وڌي ويو، ڪ??ڙ ڳالهائي ملڪ مان فرار ٿيندڙ آزاد گهمي رهيا آهن، ڪجهه صحافي هاءِ ڪورٽ ويا ته نواز شريف کي تقرير ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي، هي اربين رپيا ڦريندڙن کي اظهار راءِ جي آزادي جو نالو ڏئي رهيا آهن، اهڙي سوچ سان معاشري کي نقصان پهچي ره??و آهي، ماضي ۾ ڪراچي، بلوچستان، فاٽا ۽ گلگت بلتستان کي نظرانداز ڪيو ويو، بدقسمتي سانملڪ ۾ جنسي ڏوهه وڌي رهيا آهن، ٻارن ۽ عورتن سان زيادتي ڪندڙن کي عبارتناڪ سزائون ڏينداسين، نبي ڪريم صه کانسواءِ ڪنهن کي رول ماڊل نه ٿو سمجهان، اسان کي انهن جي زندگي مان سکڻ گهرجي. نجي ٽي وي چينل کي ڏنل خصوصي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم چيو ته اسان جي ملڪ جو وڏو مسئلو آمدني ۽ خرچ ۾ خسارو آهي، اهو ٻن سالن جو نه پر گذريل 40، 50 سالن جو مسئلو آهي، (ن) ليگ جي 5 سالن جي دور ۾ روانگي واپار 5 سيڪڙو گهٽ ۽ آمدني واپار 60 سيڪڙو وڌيو، جڏهن روانگي واپار ۽ آمدني واپار جو ايترو وڏو فرق هجي ته ائين ڪهڙو ملڪ اڳتي وڌي سگهي ٿو، سنگاپور جي آبادي 50 لک آهي ۽ ان جو روانگي واپار 323 ارب ڊالر آهي. هن چيو ته حڪومت جي لاءِ پهريان ٻه سال مشڪل هئا پر هاڻي ملڪ جو رخ تبديل ره??و آهي، گذريل 50 سالن ۾ پهريون ڀيرو اسان جو ملڪ انڊسٽريلائيزيشن طرف وڃي ره??و آهي، گذريل 17 سالن کانپوءِ پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گذريل چئن مهينن کان سرپلس ۾ وڃي ره??و آهي ۽ روانگي واپار 25 سيڪڙو تائين پهچي و??و آهي، جيڪي ماڻهو پڇن ٿا ته اسان ٻن سالن ۾ ڇا ڪيو، انهن کي ٻڌايان ٿو ته اسان هي ڪ??و آهي.